ڀوڄراج شيوڪ

ڀوڄراج، شيوڪ: هند ۽ سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو مشهور نالو دادا شيوڪ ڀوڄراج لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. نثر نگاري ۽ خاص ڪري ٻاراڻي ادب ۾ سندس پورهيو وسارڻ جوڳو ناهي. دادا شيوڪ ڀوڄراج، آڪٽوبر 1926 ڌاري ٻارن جي پهرين تنظيم ”ٻالڪن جي ٻاري“ جو بنياد وڌو. ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل ان تنظيم بعد ۾ هڪ تحريڪ جيان مشهور ٿي، ان وقت پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ماستر هو. انهيءَ تنظيم جون شاخون سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي کان سواءِ ڪوٽڙي، حيدرآباد، روهڙي، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ شهدادپور ۾ به قائم ڪيون ويون ۽ آهستي آهستي هندستان جي ٻين شهرن ۾ به شروعات ٿي. شيوڪ ڀوڄراج کي پيار مان سڀئي ننڍا وڏا ”دادا شيوڪ“ سڏيندا هئا. هر آچر تي هُو ٻارن کي ڪَٺو ڪري کين آکاڻيون ٻڌائيندو ۽ رانديون ڪرائيندو هو. تنظيم طرفان 1934ع ۾ ٻارڙن جو هڪ ماهوار رسالو ”گلستان“ به جاري ڪيو ويو. ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ طرفان ٻارن جا ميلا به لڳندا رهيا ۽ ڪيترائي ٻار هفتيوار گڏجاڻين ۾ پنهنجون ڪچيون تحريرون به لکي ايندا هئا ۽ ذهني مقابلن ۾ به حصو وٺندا هئا. جديد سنڌي شاعريءَ جو باني ڪشنچند بيوس به لاڙڪاڻي ۾ ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ جو ميمبر رهيو. بيوس لاڙڪاڻي شاخ ۾ اچي هر آچر تي ٻارڙن کي گيت ٻڌائيندو هو، هن دادا سان گڏجي اتي ٻارن جو هڪ وڏو ميلو پڻ لڳايو هو. دادا شيوڪ هن تنظيم لاءِ ”ڦلواڙي“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتابي سلسلا جاري ڪيا، جن ۾ ٻارن جي وندر ۽ اصلاح لاءِ ليک، ڪهاڻيون، لطيفا ۽ گيت شامل هوندا هئا. ورهاڱي بعد ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ کي بمبئي منتقل ڪيو ويو، جنهن جون شاخون ٻين ملڪن ۾ به قائم ٿيون، جتي سنڌي آباد آهن، هن وقت ان تنظيم جي آفيس بمبئيءَ ۾ آهي ۽ ڊاڪٽر اجي هورا، ان اداري جو ايگزيڪيوٽِو ڊائريڪٽر آهي. دادا شيوڪ جي قائم ڪيل ان تنظيم کي هينئر سرڪاري سرپرستي به حاصل آهي، سالياني گرانٽ پڻ ملي ٿي.
بيوس جيان سادا مزاج دادا شيوڪ ڀوڄراج جا نثر ۾ ٻه آتم ڪٿائي ناول ”آشيرواد“ (1933ع) ۽ ”دادا شيام“ (1934ع) پڻ ڇپيا، سندس ناولن جا مکيه ڪردار اسڪولي ماستر هئا. دادا شيوڪ اخبار نويس به رهيو ۽ ورهاڱي بعد هند ۾ سماجي ڪارڪن ۽ اڳواڻ طور به مشهور ٿيو. سندس لاڏاڻو 1987ع ڌاري هندستان ۾ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو